رياض – 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب چيو ??هي ته غزه تي اسرائيلي حملا بند ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ اسرائيلي بمباري سبب متاثر فلسطينين جا مسئلا گهٽائڻ لاءِ ا??دا?? فراهم ڪئي پئي وڃي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب رياض ۾ اسلامي عرب سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪري اسرائيلي جاحيت بند ڪرائڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ غزه متاثرن لاءِ فوري انساني ا??دا?? جي فراهمي جي اجازت جي حوالي سان ٺهرائون منظور ڪرايون آهن. سعودي عرب غزه پٽي ۾ چر پر ڪندڙ ماڻهن جي مسئلن جو بار گهٽائڻ لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ خيما هوائي ۽ سامونڊي جهازن ذريعي مسلسل موڪلي رهيو آهي. غزه جي 85 سيڪڙو آبادي لڏپلاڻ تي مجبور آهي. اونروز جي رپورٽ مطابق اٽڪل 20 لک فلسطيني بي گهر ٿي ويا. سعودي عرب فلسطيني حڪومت جي سهڪار سان انساني ا??دا?? جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني ۽ سياسي قدم کڻي رهيو آهي. عوامي ا??دا??ي مهم تحت هن وقت تائين 617 ملين ريال کان وڌيڪ جمع ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي فلسطيني متاثرن لاءِ عطيا ڏيندڙن جو ??نگ 15 لک کان وڌي ويو آهي. سعودي عرب 38 جهازن ۽ 5 سامونڊي جهازن ذريعي ا??دا??ي سامان ۽ 20 ايمبولينسون موڪليون آهن. سامونڊي ۽ هوائي رستن مان موڪليل ا??دا??ي سامان جو مجموعي وزن 5112 ٽن تائين پهچي چڪو آهي. شاه سلمان مرڪز غزه متاثرن جي مدد لاءِ 150 ملين ريال جي خرچ سان صحت جي عالمي اداري، ريڊ ڪراس، اونروا ۽ خوراڪ جي عالمي اداري سان گڏيل سهڪار جا چار معاهدا ڪيا آهن.
غزه ۾ متاثرن لاءِ سعودي امداد جو سلسلو جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی