اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چ??ئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آذربائيجان جي سفير پ??رل??امينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آذربائيجان جي سفير علي آليزاده سينيٽ چ??ئرمين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪورونا وبا جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به ب??ث ٿيو، سينيٽ چ??ئرمين چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري تع??ون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تع??ون سان ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پ??رل??اماني لاڳاپن جو فروغ نهايت ضروري آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻنهي جو تع??ون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.
سينيٽ چيئرمين سان آذربائيجان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش