اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سفير کي ڪڍڻ ۽ فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو، يورپي ۽ اولهه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي ??ظه??ر جي آزادي جو مسئلو سمجهن ٿا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي ملڪ جي سفير کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي ملڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا مظاهرا نه ٿيا نه ڪنهن سفير کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏجي اولهه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو ??ظه??ر جي آزادي جو مسئلو نه آهي، آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو ۽ ان مهم جي قيادت ڪندس، گذريل هفتي جي صور??حا?? سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ٻاهر جا دشمن به ان صور??حا?? ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت جعلي ويب سائيٽن ذريعي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، (ن) ل??گ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نقصان پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا. پاڪستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هفتي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.
سفير کي ڪڍڻ ۽ لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر