اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ فاٽا جي حوالي سان قومي اتفاق راءِ انتهائي خوش آئنده آهي، اهڙي موقعي تي ڪنهن جا جذبا مجروح ڪرڻ درست ناهي، پاڪستان نفرت جي سياست ۽ چونڊن ۾ دير ??ي سٽ سهي نٿو سگهي، پاڪستان جي اخلاق کان هٽي ڪري بدتميزي جي سياست جي ڪا به گ??جا??ش نه آهي، فاٽا جي عو??م کي اهي سهولتون ڏيڻ گهرجن جيڪي ملڪ جي باقي عو??م کي حاصل آهن، اسان جو مقصد قبائلي علائقن جي عو??م جو اعتماد حاصل ڪرڻ آهي ۽ اهو ئي اسان جو رهنما اصول رهندو. قومي اسيمبلي ۾ فاٽا انضمام بل جي حوالي سان 31 هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ ايوان ۾ خيالن جو ??ظه??ر ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قومي اسيمبلي اڄ هڪ تاريخي بل پاس ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا