اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد ويجهو ڪجهه ڳوٺن جي گڏيل سروي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نتيجن جي روشني ۾ سرحد کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، ڀارت جو تيزي سان وڌندڙ ائٽمي پروگرام ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام ۽ پاڪستان جي قومي سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، ??لا?? جي لاءِ ڀارت ويندڙ هر ميڊيڪل ويزا جي لاءِ پرڏيهي صلاحڪار جي سفارشي خط بابت ڀارتي قدم کل جوڳو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ??ٽائرڊ ڀارتي فوجي اهلڪارن ۽ هندوئن کي والاريل ڪشمير ۾ زمينن جي الاٽمينٽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهي، ??فغان مسئلي جو فوجي حل ممڪن نه آهي، ??ڳو ڳالهين ذريعي ??ي پائيدار امن قائم ڪري سگهجي ٿو، انصاف ??المي عدالت کي ڀارتي را ايجنٽ جي ڪيس جي ٻڌڻي جو ڪو اختيار نه آهي، ??مريڪا پاران اضافي فوج موڪلڻ جو مقصد افغان سيڪيورٽي فورسز جي صلاحيتن ۽ فوجي تربيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس ذڪريا هفتيوار پريس بريفنگ دوران صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چئي.
پاڪ افغان سرحد ويجهو ڪجهه ڳوٺن جي سروي مڪمل ڪئي وئي آهي: پرڏيهي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی