قاهره -18 مارچ (اي ??ي پي) مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو آهي ته يو??پي يونين ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ اٽڪل 7.4 بلين يو??و (8.06 بلين آمريڪي ڊالر) جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خابرو اداري مط??بق هن اهي رمارڪس دورو ڪندڙ يو??پي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرليين ۽ بلاڪ جي ٻين اعليٰ عهديدارن سان گڏيل طور ??ي منعقد هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن اعلان ڪيو ته مصر ۽ يو??پي يونين گڏيل سهڪار جي رستي تي گامزن ٿيڻ لاءِ هڪ گڏيل سياسي پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون آهن. مصر جي ايوان صدر جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته مالياتي پئڪيج بنيادي طور ??ي مصر جي معيشت کي 3 رخن رعائتي فنانسنگ، سيڙپڪاري جون ضمانتون، ۽ ٻه طرفي سهڪار جي منصوبن کي لاڳو ڪرڻ جي فني مدد تي ڌيان ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن