ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ چيو آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ آڏو گ??ڏا کوڙڻڻا پوندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوري دنيا تسليم ڪري ورتو آهي ته والاريل ڪشمي?? ۾ ??لندڙ آزادي جي تحريڪ جي قيادت مقامي نوجوان ڪري رهيا آهن. آزادي جي تحريڪ وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي. احمد حسين ڊيهڙ چيو ته ڀارتي حڪومت رياست جي آبادي جي شڪل ۽ ڀارت ۾ اقليتي برادرين جي حقن کي تبديل ڪرڻ جي گم??اه?? ڪندڙ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته يورپ ۽ اتر آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جي پارليامينٽن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڀارتي ظلمن تي بحث ٿي رهيا آهن ۽ انهن ملڪن ۾ عوامي حمايت ڪشميرين سان گڏ آهي. هن چيو ته دنيا ان ڀارتي بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو سرحد پار کان ر??استي دهشتگردي جو شڪار آهي پر وڏي پئماني تي تسليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي جنهن ۾ ڀارت جي سرپرستي به شامل آهي. قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ ۾ سا??اه?? جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.
ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي تحريڪ آڏو گوڏا کوڙڻڻا پوندا: قومي اسيمبلي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil