اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعا??، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عوام جي وڏن جلسن ??نهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي خلاف آيل فيصلي کي عوام نٿي مڃي. احتساب عدا??ت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته جيڪي جلسا توهان ڏسي رهيا آهيو ۽ جيڪا سپورٽ توهان گراس روٽ ليول تي ڏسي رهيا آهيو اها ان شيءَ کي ظاهر ڪري ٿي ته جيڪو فيصلو سپريم ڪورٽ مان آيو ان کي پاڪستان جي عام نٿي مڃي، عوام جي وڏن جلسن ??نهنجو فيصلو ٻڌايو ۽ جلسن ??ان واضح ٿي ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي خلاف جيڪو فيصلو آيو عوام ان کي نٿي مڃي
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی