سيئول- 05 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ ڪيترن ئي بيليسٽڪ ميزائلن جو تجربو ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آھي ته هنن ٻيٽ نما ڪوريا جي اوڀر ۾ ڪالھه صبح جو اٽڪل 7:30 وڳي ڪيترا ئي گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جي لانچ ڪرڻ جو ??تو لڳايو آھي. ڪالھه صبح جو ??يزائلن اٽڪل 400 ڪلو ميٽر (248 ميل) تائين اڏام ڀري. ڏکڻ ڪوريا جي فوج چيو ته اسان جاپان ۽ آمريڪا سان معلومات جي مٽا سٽا ڪئي آھي. فوج وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي فوج اضافي لانچز جي تياري جي سلسلي ۾ پنھنجي نگراني کي مضبوط ڪيو آھي. جاپان پڻ اتر ڪوريا جي تازن ميزائلن جي تجربن جي تصديق ڪئي آهي. جاپان جي حڪومت جي اعليٰ ترجمان چيو آھي ته اتر ڪوريا طرفان بيليسٽڪ ميزائ?? بار بار فائر ڪرڻ سبب اسان جي ملڪ جو امن ۽ سلامتي خطري جو شڪار آھي. واضح رھي ته اتر ڪوريا گذريل ھفتي جديد ۽ طاقتور مضبوط ٻارڻ وارو بين البراعظمي ??يليسٽڪ ميز??ئل جو تجربو ڪيو.
اتر ڪوريا پاران گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو تجربو
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں