بيروت-25 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل پاران لبنان تي چئني پاسن کان هڪ سلسليوار فضائي حملا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ اسرائيلي فضائيه جي 2500 ويڙهاڪ جهازن ڏک?? لبنان ۽ اوڀر وادي بيڪا تي 2000 ننڍا بم ڪرايا. الجزيره مطابق اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هاگري ??يو آهي ته اسرائيلي فضائيه گذريل ڏينهن ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي فضائي آپريشن ۾ 2500 ويڙهاڪ جهازن سان چئني پاسن کان ڏک?? لبنان ۽ اوڀر وادي بيڪا تي حزب الله جي ٺڪاڻن تي 2000 هزار بم ڪرايا. اسرائيلي فوج ??يو آهي ته حزب الله کي ڪو وقفو نه ملندو ۽ حملا ان وقت تائين ڪيا ويندا جيستائين بي دخل ڪيل اسرائيلين کي واپس آڻڻ جو جنگي هدف حاصل نٿو ٿي. اسرائيل جي لبنان تي حملن ۾ 50 ٻارن سميت 569 شهري شهيد ٿي چڪا آهن. الجزيره مطابق ڏک?? لبنان جي نباتيه گورنريٽ جي علائقي عين قانا تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ 3 لبناني شهري فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن. لبنان جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته ڏک?? لبنان جي جابلو علائقي چوف ۾ لبناني ڳوٺ جون تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ڏک?? لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ عرب نشرياتي اداري جو ڪئمره مين شهيد ٿي ويو. ميڊيا رپورٽ مطابق المنار ٽي وي جو ڪئمره مين ڪامل قراجي ڏک?? لبنان جي علائقي قنطار اپر اسرائيلي فضائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي. الجزيره مطابق هڪ ٻيو صحافي هادي السيد، جيڪو لبناني ٽي وي چينل الميادين لاءِ ڪم ڪندو هو، جڏهن ته سومر ڏينهن ڏک?? لبنان ۾ سندس گهر تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو. قراجي 7 آڪٽوبر 2023ع بعد لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل پنجون صحافي آهي. صحافين جي عالمي فيڊريشن رائٽرز جي عصام عبدالله سميت چار وڌيڪ ص??افين جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي، عصام عبدالله المالشعب ۾ صحافين جي هڪ گروپ تي اسرائيلي ٽينڪ جي فا??رنگ سبب مارجي ويو هو.
اسرائيل جا لبنان تي چئني پاسن کان فضائي حملا، 2500 ويڙهاڪ جهازن 2000 هزار بم ڪرايا، صحافي سميت ڪيترائي شهري شهيد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز