رياض _ 7 جون (اي پي پي ) سعودي عرب جي ??ادي واري شهر رياض ۾ ڪنگ عبد الله ميڊيڪل سٽي جي طبي ٽيم ڊاڪٽر عبد العزيز الربيعه جي سربراهي ۾ پاڻ ۾ ڳنڍيل فلپائني ٻارڙين کي جدا ڪرڻ جو ڪامياب آپريشن ڪيو . اردو نيوز مطابق ميڊيڪل ٽيم چيو ت?? فلپائني سيامي ٻارڙيون عائشه ۽ اڪيزا کي جدا ڪرڻ جو آپريشن انتهائي آسان هو . گذريل ڏينهن جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ت?? ڊاڪٽر عبد العزيز الربيعه ٻنهن ??ارن کي سندن ماءِ جي حوالي ڪري رهيو آهي . ??اڪٽر عبد الله بن عبد العزيز الربيعه جي سربراهي ۾ 23 ماڻهن تي ٻڌل طبي عملي آپريشن ڪيو . پاڻ ۾ ڳنڍيل ٻاڙڙين کي 5 مرحلن ۾ جدا ڪيو ويو جنهن ۾ مجموعي طورتي 7 ڪلاڪ لڳا هئا پر آپريشن 5 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيو . ياد رهي ته عرب ۾ سيامي ٻاڙين کي جدا ڪرڻ جو اهيو 61 هون آپريشن آهي .
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان