ري??ض-13 مئي (اي پي پي ) سعودي عرب ۾ سنيما جي ٽڪيٽن جي قيمت ۾ گهٽتائي کانپوءِ فلمن جي انگ ۾ 90 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو آهي . اردو نيوز جي ر??و??ٽ موجب ٽڪيٽن جا اگهه گهٽ ڪرڻ کان پوءِ گهڻا ماڻهون فلم ڏسڻ سينيما گهرن ۾ اچي ر??يا آهن . سينيما سوسائٽي جي س?? اي او هاني الملا چيو ته سعودي فلمون مداهن ۾ غير معمولي طور تي مقبول ٿي ر??يون آهن جن سينيمائن ۾ مقامي فلمن جي نمائش ٿيندي آهي اهي شو فل هائوس ويندا آهن . ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته مملڪت ۾ فلم سازي جي صنعت به ترقي طرف وڌي ر??ي آهي هن چيو ته سينيما ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا سٺا نتيجا برآمد ٿيندا ان کانسواءِ ان شعبي سان ٿيندڙ آمدني جا اثر فلم سازي جي صنعت تي به لاڳو ٿيندا هن وڌيڪ چيو ته سو سائٽي پاران سينيما جي شعبي کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ تي ڪم تيزي سان جاري آهي جنهن تحت نه صرف سينيما جي سيڪٽر ۾ بلڪي فلم سازي جي شعبي ۾ به مقامي ۽ عالمي طور تي معاملا حل ڪيا پا وڃن .
سعوي عرب ۾ سينيما ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ، فلم ڏسندڙن جو انگ 90 سيڪڙو وڌي ويو
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم