اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو. گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سل??ان بن عواد النعيمي ۽ پاڪستاني سفير افضال محمود ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران ڊاڪٽر ??ار?? علوي گڏيل عرب امارات جي اعليٰ قيادت سان به ملاقات ڪندو ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پويلين جو پڻ دورو ڪندو. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي دبئي ۾ روشن پنهنجو گهر پروگرام جي رونمائي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي موقعي تي صدر دبئي ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف ڪمپنين جي سي اي اوز سان پڻ ملاقات ڪندو. ان دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر