اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) چين، ترڪي، آمريڪا، فرانس، جاپان، ڀارت، ابوظهبي، افغانستان، سريلنڪا، هانگ ڪانگ سميت سڄي دنيا جي پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. اڱاري ڏينهن ٻاهرين ??لڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي قومي جهڊو بلند ڪيو ويو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پاڪستاني سفيرن ۽ شرڪت ڪندڙن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خر??ج عقيدت پيش ڪيو. 81 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي ميمبرن ۽ چين ۽ پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سميت مهمانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير معين الحق تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خر??ج تحسين پيش ڪيو. 23 مارچ 1940ع جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پنهنجي لاءِ ڌار ??لڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني سفير غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي ??ما??ت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.
چين، ترڪي، آمريڪا، فرانس، جاپان، ڀارت سميت سڄي دنيا جي پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں