اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا احتساب جي ??مل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 30 نيون خصوصي احتساب عدالتون قائم ڪرڻ، افغانستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ ۾ ٽن مهينن جي لاءِ واڌ، ٽي لک ٽن ڪڻڪ ۽ 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي ??والي سان پيپرا قانونن ۾ ڇوٽ ڏيڻ ۽ مختلف ادارن ۾ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ پي پيز سان ٿيندڙ حڪومتي ڳالهين جي نتيجي ۾ ايندڙ 20 سالن ۾ م??ڪ کي 800 ارب رپين جو فائدو ٿيندو ۽ بجلي جي قيمت گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪابينا سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي ??وام کي 6 سال پراڻي ڪڻڪ جي فراهمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، حڪومت سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽن جي ??ريد ۽ وڪري، هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع، بل اسيمبلي ۾ پيش ۽ آرڊيننس جاري ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ حقيقت ڏسندي جيڪو به فيصلو ڪندي اسان کي قبول هوندو، وزيراعظم 60 کان وڌيڪ ادارن ۾ سربراهن جي مقرري لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي، ايندڙ اجلاس ۾ هيستائين مقرري نه ڪرڻ تي جواب به طلب ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ??جلا?? کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا ان رپورٽ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن موجب سنڌ حڪومت پاران 32000 ٽن ڪڻڪ جيڪا 6 سال پراڻي ۽ انساني استعمال جي لاءِ مضر هئي صوبي جي مختلف علائقن جي لاءِ رليز ڪئي پئي وڃي. وفاقي ڪابينا نوٽ ڪيو ته سنڌ پاران عوامي ضرورتن جي وقت ڪڻڪ ريليز نه ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت کان ڪڻڪ ۽ کنڊ جي موجود اسٽاڪس بابت معلومات وقت سر شيئر نه ڪرڻ سان جتي انهن جنسن جي قيمتن ۾ مصنوعي اضافو ڏسڻ ۾ آيو، ذخيره اندوزي جي ??ڪايت سامهون آئي اتي ڪڻڪ جو هڪ وڏو مقدار جيڪو انساني استعمال لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ها ضايع ٿيو آهي ۽ عام ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار ٿيو. ڪابين?? کي شگر انڪوائري ڪميٽي جي ??پورٽ جي نتيجي ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ڪابين?? کي ٻڌايو ويو ته شگر انڪوائري ڪميٽي جي ??پورٽ اچڻ کانپوءِ اڪثر شگر ملز پاران عدالت سان رجوع ڪيو ويو هو. ان حوالي سان عدالتي فيصلن کانپوءِ ڪارروائي جاري آهي. ڪابين?? کي ٻڌايو ويو ته نيب پاران سبسڊي جي معاملي تي جاچ به جاري آهي. ڪابين?? کي ٻڌايو ويو ته ماٿر نياز ران?? کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني پئي وڃي. ڪابينا ٽيڪس قانون (ترميم) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏني. انهن ترميمن جو مقصد ڊيجيٽل روشن پاڪستان منصوبي ۾ سهولتڪاري آهي.
وفاقي وزير شبلي فراز ۽ اسد عمر پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل