اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) آبادي جي ڀلائي بابت ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ماڻهن ۾ آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي نقصانن بابت شعور ۽ آ??اه?? پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا ۽ عالم سڳورن کان تعاون وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ عوامي آ??اه?? پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ خانداني منصوبابندي ۽ توليدي صحت ??ي حوالي سان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي قومي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ فار الارمنگ پاپوليشن گروٿ بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن جو مقصد ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطوآڻڻ جي لاءِ مخگتلف تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورين صوبائي حڪومتن اجلاس کي خانداني منصوبابندي بابت کنيل قدمن بابت آ??اه?? ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير اجلاس ۾ تجويز ڏني ته ماڻهن کي مالي مراعتن جي ترغيب ڏيڻ سان آبادي ۾ اضافي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهٽ آبادي وارن صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت مالي ترغيبات ڏيڻ جي تجويز ڏني. اجلاس ۾ ماڻهن ۾ آبادي ۾ تيزي سان اضافي جي نقصانن بابت شعور ۽ آ??اه?? پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا ۽ عالم سڳورن کان تعاون وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ عوامي آ??اه?? پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ خانداني منصوبابندي ۽ توليدي صحت ??ي حوالي سان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي قومي مهم شروع ڪرڻجي ضرورت تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ اها ڳالهه زور ڏئي چئي وئي ته سموريون صوبائي حڪومتون عوام کي خانداني منصوبابندي ??ي حوالي سان باخبر آ??اه?? رکڻ جي لاءِ عالم سڳورن کان مدد حاصل ڪن. اجلاس ۾ مزهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي ??اري وزارت ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي هڪ مهيني جي عرصي ۾ عالم سڳورن سان اجلاس منعقد ??رائڻ ۽ انهن کان آبادي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون طلب ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي.
صدر عارف علوي جي صدارت ۾ آبادي جي ڀلائي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام