اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ توان??ئي بابت معاملن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ توان??ئي واري وزير عمر ايوب خان، اطلاعات وارو وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، توان??ئي وارو سيڪريٽري عرفان علي، توان??ئي بابت ٽاسڪ فورس جو چيئرمين نديم ب??بر، ڊاڪٽر فيض احمد چوڌري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. توان??ئي جي شعبي ۾ ملڪ کي درپيش مسئلن خاص طور تي گردشي قرضن جو جائزو وٺندي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صرف 18 -2017ع ۾ گردشي قرضن ۾ 450 ارب روپين جو اضافو ٿيو جنهن جو بنيادي سبب ان وقت جي حڪومت جو اهو سياسي فيصلو هو جنهن تحت وزارت کي اها هدايت ڪئي وئي ته سئو سيڪڙو بجلي چوري جي علائقن ۾ به بنا رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي جاري رکي وڃي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے