اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ضمني چونڊن ج?? نتيجن مان ثابت ٿي ويو آهي ته عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي قومي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي، پي ٽي آءِ حقيقي معنيٰ ۾ وفاق جي علامت بڻجي اڀري آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن مختلف ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي 11 مان 6 سيٽن تي پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته 2 سيٽن تي وڏو سخت مقابلو آهي، ان لاءِ اسان ج?? لاءِ ضمني چونڊن جا نتيجا حوصلي جوڳا آهن. هن چيو ته سڀ کان حوصلي جوڳي ڳالهه اها آهي ته سمورن صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي نمائن??گي نظر اچي رهي آهي ڇو ته چونڊن ۾ اسان سمورن صو??ن مان کٽي آيا آهيون ج??هن ج?? مطلب آهي ته پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي آهي جڏهن ته باقي پارٽيون ته صوبائي پارٽيون آهن.
ضمني چونڊن جي نتيجن مان ثابت ٿي ويو آهي ته عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados