اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر س??د عل?? ظفر جي صدارت ۾ ايندڙ عام چونڊن 2018ع جي حوالي سان اطلاعات جي فراهمي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري يوسف نعيم کوکر، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا، اليڪشن ڪميشن جي نمائندن ۽ وفاقي حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومتن جي اطلاعات وارن سيڪريٽرين، گهرو سيڪريٽرين ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته بلوچستان جي چيف سيڪريٽري سان ٽيليفون تي رابطو ڪ??و ويو.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج