اس??ام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير ??ريم اورنگزيب چيو آهي ته معاشرو خصوصي ماڻهن جو ساٿ ڏي ته اهي تمام بهتر زندگي گذاري سگهن ٿا، خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن کي رڳو هڪ ڏينهن تائين محدود نه رکڻ گهرجي، هڪ تندرست انسان وهيل چيئر تي ڪرڪيٽ مئچ کيڏڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي پر خصوصي ماڻهن اهو ڪري ڏيکاريو، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف پرائيم منسٽر ايجوڪيشن ريفارمز پروگرام تحت اس??ام آباد جي تعليمي ادارن ۾ اپ گريڊيشن، انفراسٽرڪچر ۽ رنگ روغن جو ڪم شروع ڪيو، انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتون به شامل آهن، ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ پي ٽي وي تان خصوصي بليٽن شروع ڪئي وئي آهي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان خصوصي ماڻهن جي لاءِ هفتي ۾ هڪ ڏينهن مارننگ شو ڪن. هو پاڪستان اس??ورٽس ڪامپليڪس اس??ام آباد ۾ اٺين آل پاڪستان وهيل چيئر يوزرس ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.
معاشري جي ساٿ سان خصوصي ماڻهو بهتر زندگي گذاري سگهن ٿا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔