برازيليا-18 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آھي ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آ??ن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ترڪيه صدر جي-20 سربراھي اجلاس جي سلسلي ۾ برازيل جي صدر لولادي سلوا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه جي صدر چيو ت?? ترڪيه ۽ برازيل جي ??اڳاپن جي ترقي ۾ اعليٰ سطحي ڳالھيون اھم آھن ۽ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ ڪم جاري رھندو. ھن چيو ت?? اسرائيلي جارحيت خلاف برازيل جو موقف واکاڻ جوڳو آھي، ترڪيه گڏيل قومن ۾ اسرائيل کي ھٿيار ۽ جنگي سامان جي ??ڪري کي روڪڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ فلسطين ۾ مستقل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي ??راھمي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي حل لاءِ پنھنجي ھر ممڪن ڪوشش جاري رکندو. ھن چيو ت?? گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار کي روڪڻ ۾ ناڪام آھن ۽ بحرانن جي حل ۾ غير موثر ثابت ٿيون آ??ن. ھن برازيل جي، جي- 20 صد??رت?? اجلاس دوران عالمي انتظامي سڌارن کي ايجنڊا تي آڻڻ جي ??دمن کي صحيح قرار ڏنو.
گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔