گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اسرائيلي نس?? ڪشي جون ڪارروائيون والاريل اولهندي ڪناري تائين پکڙجڻ بابت خب??دا?? ڪندي چيو آهي، ته اسرائيل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري کي نشانو بڻايو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فلسطيني علائقن ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي فرانسسڪا البانيز هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته اسرائيل طرفان نس?? ڪشي جون ڪارروائيون غزه کان اڳتي وڌي والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسرائيل کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل علائقن ۾ فلسطيني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برابر آهي. هن چيو ته فلسطينين کي انهن طاقتن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي ته جي??ي کين هڪ قومي گروهه طور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل طرفان فلسطينين جي نس?? ڪشي کي فوري طور روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر ممڪن ڪوشش ڪري. هن فلسطيني علائقن مان اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طرفان فلسطينين جي زمينن تي قبضي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪنا??ي ۾ اسرائيل طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ اض??فو ٿي رهيو آهي، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اسرائيلي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ