??ڏي?? قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ??ڏي?? قومن جي قراردادن تحت ڪشمير تڪرار جو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ لازمي آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ جي صدارت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، آذربائيجان ۽ نائجير جي پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني رابطا گروپ جي ميمبرن کي ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته تڪراري علائقي ۾ ڀارتي حڪوم?? جي مسلسل جابراڻي قدمن اتان جي ماڻهن جي لاءِ اڳ کان ئي سنگين انساني صورتحال کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي. جليل عباس جيلاني ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي رابطا گروپ جي اجلاس کي ٻڌايو ته موجوده ڀارتي قيادت ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي کي برقرار رکڻ تي بضد آهي. هن چيو ته ڀارتي عملدار ڪشميرين جي انهن جي بنيادي حقن، خاص طور تي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کي بيدرديءَ سان ڪچلي رهيا آهن. اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ ??ڏي?? پڌرنامي ۾ 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ کنيل سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺ??، ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مجموعي، منظم ۽ وسيع پئماني تي خلاف ورزين کي روڪن، علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين کي روڪڻ ۽ ان کي واپس وٺ?? جو مطالبو ڪيوويو. پڌرنامي ۾ ڀارتي سياسي اڳواڻن سان گڏوگڏ اعليٰ فوجي آفيسرن پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تي حملي جي تياري بابت بيانن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهڙي قسم جي بيانن کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته اهي بيان خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهن ۽ ??ڏي?? قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي خلاف ورزي آهي. پڌرنامي ۾ سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس تي قبضي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪشميري ڪارڪنن جي ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي جاري مهم جي مذمت ڪئي وئي. ناليوارو ڪشميري اڳواڻ ياسين مل?? جيڪو قيد آهي ۽ کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي جي لاءِ مو?? جي سزا جي درخواست ڪندڙ ڀارتي عملدارن جي تازي درخواس?? جي مذمت ڪئي وئي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ خصوصي نمائندي کي حڪم ڏنو ته ملڪ ۾ مو?? جي سزا جي ممڪن فيصلي جي خلاف آواز اٿارڻ جي لاءِ مناسب قدم کڻي. عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو ته اها ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ذريعي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي لاءِ ڀارت کي جوابده قرار ڏي. ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي ۽ پرامن ميڙ سميت بنيادي حقن ۽ آزادين تي مسلسل پابندين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي صدارت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم