بيجنگ-08 آگسٽ (اي پي پي) چين چيو آهي ته هو برڪس ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حقيقي قدمن جو خواهشمند آهي. روس جي خابرو اد??ري مطابق چين جي واپار واري وزير برڪس ملڪن جي واپار ۽ اقتصادي معاملن وارن وزيرن جي اجلاس ۾ چيو ته چين برڪس وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي. چين عالمي ترقيءَ ?? مناسب حصو وِجهڻ لاءِ پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو. هن برڪس ملڪن تي زور ڀريو ته اهي اُڀرندڙ منڊين ۾ هم آهنگيءَ کي مضبوط بڻائين ۽ ڊجيٽلائيزيشن ?? ماحولياتي ترقي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن زور ڀريو ته عالمي معيشت جي بحاليءَ لاءِ برڪس جي ڪوششن ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ اتفاق راءِ جي بنياد تي ڊگهي مدي جي سهڪار جي فارميٽس جو دفاع ڪرڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria