اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بڪين ۽ جيري جي اس??تال پاڪستان ڪڊني اينڊ لور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر سعيد اختر کي آمريڪا مان واپس گهر??ئي پوءِ پي ڪي ايل آءِ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آه??، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن پي ڪي ايل آءِ جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي، چار سا?? اڳ ڊاڪٽر سعيد اختر عدالتي ڪاررو??ئي ۽ ٻين مسئلن کانپوءِ آمريڪا واپس هليو ويو هو، ڊاڪٽر سعيد اختر شهباز شريف پاران جذبو ڏيارڻ تي آمريڪا مان سڀ ڪجهه ڇڏي پاڪستان آيو هو، وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر سعيد اختر کي واپس آڻڻ ۾ ??ات?? طور تي ڪردار ادا ڪيو، پي ڪي ايل آءِ گردي ۽ جگر جي پيوندڪاري جو جديد ترين ۽ عالمي معيار رکندڙ اولين ادارو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير طور اهو منصوبو جگر ۽ گردي جي مريضن کي ٻاهرين ملڪ علاج جي مهانگي خرچن ۽ سفري وقت بچائڻ لاءِ بڻايو هو، عمران خان حڪومت ۾ ان منصوبي کي به سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو.
وزيراعظم پاران پي ڪي ايل آءِ لاهور جي بورڊ جي بحالي جو باضابطه حڪم جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ