اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ترڪيءَ جي مذهبي معاملن جي پريزيڊنسي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر علي ايرباس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ملاقات ۾ ترڪيءَ جي منظم اداراجاتي تعليمي نظام جي شعبي ۾ بهترين قدمن ۽ ??عل??مات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مذهبي، ثقافتي، لساني ۽ تعليمي رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم منظم ۽ اداراجاتي مذهبي تعليمي نظام جي ترڪ ماڊل کي ساراهيو ۽ ان شعبي ۾ بهترين طريقن ۽ ??عل??مات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻطرفي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊاڪٽر ايرباس جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي مذهبي ادارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي پاڪستان جي مستقل حمايت تي ترڪ حڪومت ۽ ق??اد?? جا ٿورا مڃيا. هن وڌندڙ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي گ??يل قدمن تي پاڪستان سان ترڪيءَ جي ويجهي تعاون کي پڻ س??راهيو. پروفيسر ڊاڪٽر ايرباس والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ترڪيءَ جي اصولي موقف کي ورجايو. هن پاڪستان پاران رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ کي ساراهيندي ان سلسلي ۾ ترڪيءَ جي تعاون جي آڇ ڪئي. هن وزيراعظم کي ترڪ ق??اد?? پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ترڪيءَ جي خواهش کي ورجايو.
وزيراعظم عمران خان سان ترڪيءَ جي مذهبي معاملن جي پريزيڊنسي جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر علي ايرباس جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا