اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان يونان سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي ??مام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن يونان جي مائيگريشن ۽ سي??سي پناهه واري وزير پناگوئٽس ميتاراچي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسرندڙ ملڪن مان ترقي يافته ملڪن کي ??يرقانوني مالياتي وهڪري اسرندڙ ملڪن جي وسيلن کي ??خت نقصان پهتو آهي ۽ اهو عمل غيرقانوني مائيگريشن جهڙن مسئلن جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غيرقانوني مالياتي وهڪري کي ??وڪڻ سان گڏوگڏ قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستا پڻ ڳوليا وڃن. ان ڏس ۾ وزيراعظم يونان پاران قانوني مائيگريشن چينلز جي لاءِ قدمن کي ??اراهيو جنهن سان پاڪستاني هنرمند ليبر جي لاءِ پڻ راهون کلنديون. وزيراعظم افغانستان ۾ سنگين انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بدحالي کي ??وڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته 40 ملين افغان عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي منجمند اثاثن کي ??حال ڪرڻ پڻ لازمي آهي ڇو ته ان سان هڪ پائيدار افغان معيشت جي تعمير ۽ افغانين جي وڏي پئماني تي ٻين ??لڪن ۾ چرپر ي روڪڻ ۾ مدد ملندي. يونان جي وزير ميتاراچي پاڪستان يونان لاڳاپن ۽ ٻطرفي گڏيل مٽ??سٽ?? جي اهميت کي ??جاگر ڪيو. ميتاراچي وزيراعظم عمران خان کي يونان جي وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي وزيراعظم کي يونان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وزير ميتاراچي يونان جي معيشت ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نتيجاخيز ڪردار کي ??اراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قانوني مائيگريشن جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جو خاڪو پڻ پيش ڪيو.
پاڪستان يونان سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار