اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين سينئر اداڪار رشيد خان جي لاڏ??ڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته رشيد خان بي شمار فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، هن پشتو، هندڪو ?? اردو زبان جي پي ٽي وي ڊرامن ۾ شاندار اداڪاري سان ماڻهن جون دليون کٽيون. پنهنجي بيان ۾ چوڌري ف??اد حسين چيو ته رشيد خان اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو، ان جا ڊراما اڄ به مشهور آهن، ان جي لاڏ??ڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خلا ڪڏهن به پُر نه ٿيندو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم رشيد خان کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا ف??مائي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری