اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ رومانيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت س??يت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق بخارسٽ ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي رومانيه جي پنهنجي هم منصب بوگدان ??ور??سڪو سان ملاقات ۾ طئي ٿيو. رومانيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رومانيه جي پرڏيهي وزير بوگدان ??ور??سڪو رومانيه جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ رومانيه اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ رومانيه ج?? وچ ۾ ويجهي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ رومانيه ج?? وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت س??يت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور جلد اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل اقتصادي ڪميشن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي رومانيا جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن