اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ??سوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي، اسان کي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي ??يرت مبارڪه تي عمل جي ??رورت آهي.
نماز مؤمن جو ??عراج آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن سان وفا جي ??هد جي ??جديد جو ڏينهن آهي، انساني تاريخ م سڀ کان مبارڪ ڏينهن 12 ربيع الاول جو ڏينهن آهي. اهڙو اظهار هن قومي رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته قومي رحمت اللعالمين ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، جن ماڻهن ان حوالي سان ڪوشش ڪئي الله تعاليٰ سندن ڪوششن کي قبول فرمائي.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي ??والي سان علامه اقبال فرمايو هو ته ”ڪي محمد سي وفا توني تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا، لوهه و قلم تيري هين.“ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ هڪ احسن قدم آهي. هن چيو ته وزيراعظم ا?? جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اڄ کان 70 سال پهرين ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته اڄ جو ??وجوان اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿي ڪامياب ٿي سگهي ٿو.