اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آ??ي ته جيڪي قومون اخلاقي قدرن ۽ انصاف کي وڃائي ڇڏين اهي تباهه ٿي وڃن ٿيون، بدعنوان ??نصر پنهنجي ناجائز دولت جي زور تي غير قانوني ذريعن ۽ مني لانڊرنگ سان پئسي جي منتقلي روڪڻ لاءِ نظر رکندڙ ادارن کي ڪمزور ڪن ٿا، بدقسمتي اها آهي ته اهڙا عنصر معاشري ۾ ڪرپشن کي قابل قبول بڻائي ڇڏين عٿا، پوءِ ”کائي ٿو ته لڳائي به ٿو“ ۽ ”هڪ زرداري سڀ تي ڀاري“ جا نعرو هنيا وڃن ٿا. وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي آغاز تي وزيراعظم عمران ??ان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ جي موجوده اليڪشن جهڙي طرح ٿي سڀني جي سامهون آهي، آئون ڪابينا جي سامهون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي جوڙيل پينل جي رپورٽ ”فيڪٽ آئي“ رکي رهيو آ??يان، اها رپورٽ اسرندڙ ملڪن ۽ غريب ملڪن لاءِ وڏي خوفناڪ آهي، هن رپورٽ موجب هر سال غريب ملڪن مان هڪ هزار ارب ڊالر غير قانوني مني لانڊرنگ جي ذريعي امير ملڪن ۾منتقل ٿين ٿا جيڪي ”ٽيڪس هيون“ آهن. هڪ رپورٽ موجب غريب ۽ اسرندڙ ملڪن مان ??دعنواني جي ذريعي 7 هزار ارب ڊالر چوري جو پئسو انهن ملڪن ۾ پيل آهي، انهن سڄي معاملي ۾ حڪمران ??شرافيه ملوث آهي. وزيراعظم چيو ته غريب ملڪن جا نواز شريف ۽ زرداري چوري جو پئسو ٻاهر موڪليندا آهن ته انهن کان پهرين سمورا اهي ادارا جن کي مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني ذريعن سان پئسي جي منتقلي تي نظر رکڻي آهي انهن کي ڪمزور ڪن ٿا، هي اهڙا ميگا پراجيڪٽ کڻي اچن ٿا جن ??ي عوام کي ضرورت ناهي هوندي پر انهن ۾ ڪڪ بيڪس وڌيڪ هوندا آهن، انهن بدعنوانين جي ڪري ملڪ قرضي ٿي وڃي ٿو ان ??ي قيمت مهانگائي جي ذريعي عوام ادا ڪري ٿي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته بدعنوان ??نصر ناجائز پئسي سان ميڊيا هائوسز ۽ ٻين ادارن کي خريد ۽ استعمال ڪن ٿا ان ??و سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته معاشري ۾ ڪرپشن کي سڀني جي لاءِ قابل قبول بڻايو وڃي ٿو پوءِ ڪرپشن کي خراب نٿو سمجهيو وڃي پر اها سوچ وڌي ٿي ته کائي ٿو ته کارائي به ٿو ۽ هڪ زرداري سڀ تي ڀاري جيڪو خريد ڪري ٿو اها سياسي بصيرت تصور ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم جي اخلاقيات ختم ٿي وڃي ٿي ته اهو سڀ کان وڏو نقصان هوندو آ??ي، اها قوم پوءِ انصاف نٿي ڪري سگهي جنهن قوم ۾ اخلاقي قدر نه هجن ??تي طاقتور کي اين آر او ۽ غريب کي سزا ڏني وڃي ٿي، انصاف ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. هن چيو ته حديث جو مفهوم آهي ته ڪيتريون ئي قومون تباهه ٿيون جتي غريب ۽ امير جي لاءِ انصاف جا معيار ڌار ڌار هجي. هن چيو ته جنهن قوم ۾ اخلاقي معيار نه هجي اها ڪڏهن انصاف نٿي ڪري سگهي. جرمني ۽ جاپان ??باهه ٿي ويا هئا پر ٻئي پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا. وزيراعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ کلي عام پئسو هلندو آ??ي.
جيڪي قومون اخلاقي قدرن ۽ انصاف کي وڃائي ڇڏين اهي تباهه ٿي وينديون آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش