اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فرا?? چي?? آهي ته مخالف ڌر جو ٻٽو معيار ۽ منافقت نه هلندي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي فيملي لميٽيڊ ڪمپنيون آهن، انهن جي موسمي نظرياتي پن کان قوم واقف آهي، انهن جو مفاد مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ قوم جي ڀلائي ناهي پر ڪ??پشن لڪائڻ آهي، معيشت ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙ، ملڪ کي ڦريندڙ، پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ هاڻي جمهوريت جا چيمپئين بڻجي ويا آهن، ماضي ۾ هڪٻئي کي چور چور چوندڙن کي پنجاب حڪومت رومال به ڏئي ته جيئن هو پنهنجو چهرو لڪائي سگهن، گجرانوالا اسٽيڊيم ڀرڻ جي لاءِ هن اڌ اسٽيڊيم تي اسٽيج ٺاهي ڇڏي?? آهي، پنهنجي دور ۾ هنن ووٽ جي عزت جو نه نوٽ جي عزت جو خيال ڪيو، اسان کي ملڪ کي چورن جي چنبي مان ڪڍڻ?? آهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي به انهن جي پاليسين جو نتيج?? آهي، مولانا فضل الرحمان جو پٽ کٽي وڃي ته ٺيڪ آهي، پاڻ هارائي وڃي ته اليڪشن غلط آهي، عدالتون انهن جي حق ۾ فيصلو ڏين ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ غلط سمجهندا آهن، اهي ناڪام ٿيندا ۽ ڪڏهن ٻيهر واپس نٿا اچي سگهن، انهن جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر سٺو وقت اچڻ وار?? آهي، ايندڙ ٻن چئن هفتن ۾ صورتحال ۾ بهتري نظر انيدي. هن اهڙن خيالن جو ??ظه??ر سينيٽ اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي ڪيو.
مخالف ڌر جو ٻٽو معيار ۽ منافقت نه هلندي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو