اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم 50 لک گهرن جي تعمير جي لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو خوش آئنده آهي، حڪومت مخالف ڌر کي سموريون سهولتون ڏئي رهي آهي، حڪومت عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪندي، پنجاب جي وڏ?? وزير آءِ جي پنجاب کي ماڊل ٽائون سانحي جي حوالي سان ڪارروائي ڪرڻ جو چيو هو، بيوروڪريسي کي عوامي نمائندگي جو احترام ڪرڻو پوندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير فواد حسين چوڌري چيو ته حڪومت مخالف ڌر کي سموريون سهولتون ڏئي رهي آهي پر مخالف ڌر چاهي ٿي ته هڪ يونين ٺاهي وڃي ۽ هڪ ٻ??ي جي چورين جو تحفظ ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج