اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاع??ت، نشريات ۽ توانائي واري وفاقي وزير سيد علي ظفر توانائي جي بچت ۽ حفاظت جي اهميت تي زور ڏيندي نيشنل اينرجي ايفيشنسي ۽ ڪنزويشن اٿارٽي (نيڪا) ۽ ٻين لاڳاپيل عملد??رن کي هدايت ڪئي آهي ته اٿارٽي کي مڪمل فعال بڻائڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪيون وڃن. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل اينرجي ايفيشنسي ۽ ڪنزويشن اٿارٽي (نيڪا) جي پهرين بورڊ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي سيڪريٽري رضوان ميمڻ، منصوبابندي ڊويزن جو سيڪريٽري شعيب صديقي ۽ پيٽروليم واري وزارت، ??نعت واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت، ??ائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت، هائوسنگ واري وزارت، ??وگرا ۽ توانائي جي صوبائي کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل