اس??ام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) بجل?? جي ورڇ، رسد، لوڊشيڊنگ ۽ بلن?? جي صورتحال نيٽ ميٽرنگ ۽ ٻي معلومات آن لائين حاصل ڪرڻ لاءِ ”روشن پاڪستان“ جي نالي سان موبائيل ايپليڪشن جاري ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته حڪومت بجل?? جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. رهتن جي وصولي ۽ بجل?? جي چور?? جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، لائين لاسز جا انگ اکر به موبائيل ايپ ذريعي حاصل ٿي سگهندا، نئين سسٽم سان صارفين ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ پنهنجن فيڊرن تان بجل?? جي فراهمي جو پاڻ جائزو وٺي سگهندا. آفيسرن کي صارفين آڏو جوابده بڻائينداسين. پاور ڊويزن واري وزارت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سوشل ميڊيا تي لوڊشيڊن?? جي حوالي سان ڪجهه عنصرن طرفان حڪومت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته حڪومت بجل?? جي لوڊشيڊنگ جو شيڊيول ڪجهه هفتا اڳ ئي ڏنو هو ۽ بجل?? جي پيداوار ۾ اضافي ۽ موبائيل ايپليڪيشن جاري ڪرڻ جو پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.
توانائي واري وزارت پاران روشن پاڪستان نالي سان موبائيل ايپليڪيشن جاري
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس