گڏيل قومون-28 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي مستقل نمائندي واسيلي نيبنزيا گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل کي وچ اوڀر بابت آمريڪي ٺه??اء?? جي حمايت نه ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهي دس??اويز فلسطيني شهرين کي مارڻ واري لائسنس کانسواءِ ڪجهه به ناهن، هن گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل ?? پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا پاران تجويز ڪيل غزه تي س??ام??ي ڪائونسل جي ٺه??اء?? جي متبادل مسودي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ناهي ۽ ان جو مقصد اسرائيلي ڪارروائي تي گڏيل قومن جي امدادي ڪاررواين کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته اسان ڪائونسل جي ميمبرن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ان آمريڪي ٺه??اء?? جي حمايت نه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فوري جنگ بندي ۽ اسرائيل پاران عالمي انساني قانون جي تعميل غزه ۾ وڏي پئماني تي غذائي کوٽ کي روڪڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن نشاندهي ڪئي ته هن وقت غزه لاءِ جنگ بندي، محفوظ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي انساني راهدارين جي تخليق سڀ کان اهم آهي. واضح رهي ته 20 فيبروري تي آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي س??ام??ي ڪائونسل پاران غزه ۾ فوري جنگ بندي لاءِ هڪ ٺه??اء?? جي منظوري کي روڪيو هو. روس ۽ چين سميت س??ام??ي ڪائونسل جي 15 ميمبرن کان 13 الجزائر پاران پيش ڪيل دس??اويزن جي حق ۾ ووٽ ڏنو، برطانيه ان ٺه??اء?? کي رد ڪيو ۽ آمريڪا ان ٺه??اء?? کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
روس طرفان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه بابت آمريڪي مسودي جي حمايت نه ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ