واشنگٽن-17 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄائي آمريڪي شخصيت فوزيه ??نجوعه کي رياست نيوجرسي جي ٽائون شپ مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.فوزيه ??نجوعه پهرين مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي عورت آهي جيڪا ان عهدي تي مقرر ٿي آهي.پاڪستاني سف??رتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪستاني سفير فوزيه ??نجوعه سان ورچوئل ملاقات دوران چيو ته اوهان جي ڪاميابي پوري پاڪستان لاءِ فخر آهي ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته اوهان ٻنهي ملڪن وچ ۾ پل جي حيثيت رکو ٿا. پاڪستاني سفير ميئر کي مبارڪون ڏيندي آمريڪي سياست ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي، هن چيو ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي، آمريڪا جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي منظرنامي ?? تمام وڏو حصو وجهي رهيا آهن، هن چيو ته اوهان جي چونڊ آمريڪي سياسي قيادت ۾ وڌندڙ تنوع ۽ آمريڪي سياست جي ڪڙين ۾ رنارنگ ثقافتن جي وڌندڙ انضمام جي نشاندهي ڪري ٿي. هن ميئر فوزيه ??نجوعه کي دعوت ڏني ته هو پنهنجي تڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان پاڪستان جو دورو ڪري ۽ کين پاڪستاني هم منصبن سان جوڙين.اوهان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي پل بڻائي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن. پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته فوزيه ??نجوعه اردو ۾ پاڪستاني ??را??ن، موسيقي ۽ کاڌي جي واکاڻ ڪئي. هن پنهنجي پٽن سان گڏ ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جو اظها?? ڪيو جيڪي ملڪ جي ثقافت جو تجربو ڪرڻ جو منتظر آهن.
پاڪستاني سفير مسعود خان پاران فوزيه جنجوعه کي مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ