جده-14 نومبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) اسرائيلي فوج طرفان غ??ه جي پٽيءَ جي هيڊ ڪوارٽرز جي ن??ين سر تعمير لاءِ قائم قطري ڪميٽي تي بمباري جي شديد مذمت ڪئي آهي. جده ۾ جاري بيان ۾ او آءِ سي حملي ??ي فلسطيني شهرين ۽ اسپتالن، اسڪولن، يونيورسٽين، عبادتگاهن، رهائشي گهرن سميت غ??ه جي پٽيءَ ۾ شهري ملڪيتن کي نشانو نه بنائڻ لاءِ جاري فوجي جارحيت جو قرار ڏنو جيڪو عالمي انساني قانون جي سراسر ڀڃڪڙي آهي. او آءِ سي عالمي برادريءَ کان پنه??جي مطالبي جي تجديد ڪئي ته هو قابض اسرائيل کي عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي پاسداري ڪرڻ تي مجبور ڪري جنهن مان تازا ترين قرارداد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 26 آڪٽوبر 23ع تي منظور ڪئي، جنهن ۾ شهرين، ملڪيتن، انساني امداد فر??هم ڪندڙ سان گڏوگڏ اثاثن ۽ سهولتن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. او آءِ سي غزه تا??ين انساني امداد جي فوري، محفوظ، پائيدار ۽ بنا رنڊڪ جي فر??هميءَ جو به مطالبو ڪيو.
او آءِ سي جي اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ قطري ڪميٽي تي بمباري جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری