رياض -25 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي جاپان جي وزيراعظم ف??ميوڪشيدا ٽيليفون ڪيو جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن غزه جي ڇڪتاڻ واري ??ورتحال بابت ڳالهيون ڪيون. عرب نيوز مطابق سعودي ولي عهد چيو ته سندس ملڪ غزه ۾ شهرين کي نشانو بڻائڻ واري ??مل کي بدتر ڏوهه ۽ وحشياڻو عمل سمجهي ٿو. هن مظلوم ف??سطينين تي اسرائيل جي جارحيت روڪڻ جو مطالبو ڪندي علائقائي ۽ عالمي سلامتي ۽ امن استحڪام تي ان ڇڪتاڻ جي اثرن کان بچڻ لاءِ امن ڪوششن تي زور ڀريو. ياد رهي ته اسرائ??ل 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملي بعد غزه جي پٽي کي سيل ۽ ان جي 2.3 ملين ماڻهن لاءِ خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻارڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا