نيويارڪ-21 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ڪووڊ -19 جي ڪري صحت، سماجي ۽ اقتصادي بحرانن جي ورجاءُ کي روڪڻ ۽ وبائي مرض کي منهن ڏيڻ جي دنيا جي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ جي وچن تي ٻڌل هڪ تاريخي پڌرنامو جاري ڪيو آهي. عالمي اداري جي اهتمام هيٺ وبائي مرضن جي روڪٿام ۽ رد عمل بابت پهرين ڪانفرنس ۾ ان اعلان کي اختيار ڪندي سڄي دنيا 2030ع جي پائيدار ترقي جي هدفن(ايس ڊي جيز) تائين پهچ?? لاءِ رستي تي واپس اچڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ياد ڏياريو ته ڪووڊ -19 خلاف عالمي رد عمل انساني قوت ۽ معاشري جي خامين کي بي نقاب ڪيو آهي، جتي تيز ٽيسٽ ۽ ويڪسين جي ترقي ذڪر جوڳيون ڪاميابيون هيون اتي تياري جي کوٽ، غريب ترين ماڻهن تي غير مناسب اثرن ۽ دولت مند ملڪن طرفان ويڪسين جي ذخيرو اندوزي به هئي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ گهرجي جڏهن ايندڙ وبائي بيماري ايندي جهڙوڪ اسان ڄاڻون ٿا ته هي ٿيندو ۽ صحت جي ٻيا خ??را سامهون ايندا. پڌرنامي جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي هن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته هو ڊبليو ??يڇ او جي مدد ڪن، پنهنجي مالي مدد ۾ اضافو ڪن، جني??ا ۾ صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ??يڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊهانوم پڌرنامي جي باري ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي دنيا جي سمورن ماڻهن جي وبائي مرضن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي محفوظ بڻائڻ جي فوري مهم جي طور تي هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. هن چيو ته آئون عالمي اڳواڻن طرفان گهربل سياسي مدد ۽ رخ فراهم ڪرڻ جي ان عزم جي آجيان ڪريان ٿو ته ڊبليو ??يڇ او، حڪومتون ۽ ان ۾ شامل سمورن ماڻهن جي صحت جي حفاظت ڪري سگهن ۽ مقامي صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري، برابري کي يقيني بنائڻ ۽ عالمي هنگامي صحت جي ڍانچي جي حمايت ڪر?? لاءِ ٺوس قدم کڻي سگهن.
گڏيل قومون: ميمبر ملڪن جو ڪووڊ -19 سبب صحت،سماجي ۽ اقتصادي بحرانن جو ورجاءُ روڪڻ، وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ جي عالمي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ جو وچن
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ