مڪو شريف- 23 جون (اي پي پي) حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ سڄي دنيا مان آيل حاجي سڳورن مديني شريف ۽ مڪي شريف ?? سعودي حڪومت طرفان فراهم ڪيل رهائش، کاڌي پيتي ۽ سفر جي بهترين سهولتن کي ساراهيو آهي. هلندڙ سال 1444هه ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن مان 30 لک کان وڌيڪ حج جو فرض ادا ڪندا. سعودي حڪومت جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ موجب خميس تائين 14 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا فضائي، بري ۽ بحري رستن ذريعي ڀلي ??ار پهچي چڪا آهن، پاڪستان کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت 26 هزار کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا ڀلي ??ار پهتا آهن جنهن کي سعودي عرب جي حڪومت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت اميگريشن سميت ٻين سهولت?? جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي حڪومت روٽ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت مختلف ملڪ?? جي حج پانڌيئڙن ??ي به سهولتون ۽ سهڪار فراهم ڪيو آهي، جنهن سان کين ڀلي ??ار پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه آئي. حاجي سڳورن سعودي عرب جي فرمانروا ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان طرفان حاجي?? جي ميزباني ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ۽ خراج تحس??ن پيش ڪيو آهي جنهن سبب حاجي سڳورن کي مديني شريف ۽ مڪي شريف ۾ هر قسم جو سهڪار، رهنمائي جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي. .
حاجي سڳورن پاران بهترين انتظامن تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ شهزاد محمد بن سلمان سان ٿورن جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں