اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي کي ??فت طبي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي ??نهنجي تعاون جو يقين ڏي??ريندي ضرورتمند ماڻهن کي ??هچ جوڳي صحت جي سهولتن تي ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر دينا خ??ن جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. صدر ??يو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خ??ن جي قوم جي لاءِ خدمتن تي پوري قوم سندس مقروض آهي. ڊاڪٽر دينا خان صدر کي عوام ??ي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اسپتال جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ??رسٽ کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد ??يو ته اڳوڻي ٽرسٽيز مالي غبن ڪيو ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽس جو غلط استعمال ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. صدر ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ جي خدمتن ۽ ماڻهن پاران عطين کي ساراهيو.
صدر آصف علي زرداري پاران عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي هر ممڪن تعاون جي خاطري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا