ڪوئٽا -05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين جي ??رٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي ختم ڪندي ڪشمير جي ??اص حيثيت جو خاتمو ڪيو. هن يوم استحصال ڪشمير جي موقع?? تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارتي ظلمن جو نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. ڄمون ڪشمير جي ??اص حيثيت کي ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي اتي انتهاپسند هندن کي آباد ڪيو پيو وڃي، مسلمانن جي ??ڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪشميرين جي ??ندگين ک?? ڏکيو بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي رياستي ادارن جي ??لم ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي سندن خودمختياري وارو حق ڏنو ڃي. وڏي وزير پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته هو يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن جو آواز بڻجن.
عالمي برادري ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي ادارن جي ظلم جو نوٽيس وٺي: بلوچستان جو وڏو وزير
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس