اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) 2024ع جي عام چونڊن جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين جي سهولت لاءِ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن جو مقصد صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي ۽ چونڊ عمل دوران قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي آءِ ڊي ۾ سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پريس انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريب کي خطاب ڪندي ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ?? صحافين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي و??ند??، چونڊن دوران معلومات جي فراهمي جي حوالي سان هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ??ن سينٽر ??صحافين جي لاءِ سمورين سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته سڄي ملڪ ۾ موجود پي آءِ ڊي جي آفيسن ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته صحافين کي عام چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ 4763 ايڪريڊيٽيشن ڪارڊز جاري ڪيا ويا آهن، اسلام آباد ۾ 1219، لاهور ۾ 776، ڪراچي ۾ 878، پشاور ۾ 363، ڪوئيٽا ۾ 167، حيدرآباد ۾ 132، فيصل آباد ۾ 482 ۽ ملتان ۾ 746 ايڪريڊيٽيشن ڪارڊز جاري ڪيا ويا آهن. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ?? صحافين کي ٽرانسپورٽ جي سهولت پڻ ڏني و??ند??. هن چيو ته انهن مرڪزن ۾ 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏ??ند??، هيڊڪوارٽرز ۾ قائم ميڊيا سينٽر پي آءِ ڊي جي ٻين علائقائي آفيسن سان به ڳنڍيل هوندو. هن چيو ته ??يڊيا سينٽرز ۾ تربيت يافته ??ددگار عملو 24 ڪلاڪ موجود هوندو جڏهن ته ??يڊيا سينٽرز ۾ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ، ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپ، ٽيليفون، ايل ايل ڊيز، ايس ايم ڊيز ۽ ميگا اسڪرينز جي سهولت پڻ موجود آهي. ان موقعي تي پشاور، لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا جي ڊي جي پي آرز ??ڻ پنهنجي پنهنجي ريجنز ۾ قائم ڪيل فيسلي ٽيشن سينٽرز بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر جي قيام جو مقصد صحافين کي لاجسٽڪ سپورٽ تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش