اسلام آباد-09 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ مفڪر پاڪستان عظيم شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو 146هون يومِ پيدائش جوش ۽ خروش سان ملهايو ويو. علامه اقبال جي يومِ ولادت جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل باوجود مختلف تنظيمن طرفان سيمينارن جو بندوبست ڪيو ويو. سيمينارن کي خطاب ڪندي مقررن علامه اقبال جي زندگيءَ جي مختلف پاسن تي روشني وڌي. شاعر مشرق جي تحريڪ پاڪستان لاءِ جدوجهد کي سٺي انداز ۾ خر??جِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت يوم اقبال جي مناسبت سان ڪالهه سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو. علامه محمد اقبال 9 نوم??ر 1877ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مان حا??ل ڪئي ۽ 1905ع ۾ برطانيه هليو ويو ۽ـ پوءِ وڪالت جي تعليم وٺڻ شروع ڪئي. وڪالت کانپوءِ جرمني هليو ويو جتي ??ن پي ايڇ ڊي جي ڊگري حا??ل ڪئي. علامه اقبال 1910ع ۾ وطن واپسيءَ کانپوءِ وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ ذريعي سياسي طور مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو. 1934ع تي ??سلم ليگ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو ميمبر بڻيو، جڏهن ته طبيعت ان جو ساٿ نه ڏنو ۽ هو قيامِ پاڪستان کان 9 سال اڳ 21 اپريل 1938ع تي ??اهور ۾ وفات ڪري ويو.
ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو 146هون يومِ پيدائش قومي جذبي سان ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج