اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي آفريقي کنڊ سان پنهنجا لاڳاپا خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان جمهوريه روانڊا جي سينيٽ ج?? صدر ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي آفريقي کنڊ سان پنه??جي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، زراعت ۽ عوام جي سطح تي مٽاسٽا جي خواهش کان آگاهه ڪيو. ان سلسلي ۾ هن روانڊا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڪستان 2021ع ۾ ڪيگالي ۾ پنهنجو مشن کوليو. پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم جمهوريه روانڊا جي سينيٽ ج?? صدر جي پهرين دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ساراهيو. نگران وزيراعظم روانڊا جي تازن سالن ۾ حاصل ڪيل شاندار اقتصادي ترقي کي پڻ ساراهيو. جمهوريه روانڊا جي سينيٽ ج?? صدر پنه??جي وفد جي شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ قيام دوران هن پارليامينٽ ميمبرن، سرڪاري آفيسرن ۽ ??جي شعبي سان ڪارائتيون ملاقاتون ڪيون. روانڊا سينيٽ ج?? وف?? سينيٽ آف پاڪستان جي چيئرمين جي دعوت تي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم