اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ا??لامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ٽيليفون ڪال سوئيڊن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مسلسل واقعن جي پس منظر ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير توهين آميز ڪاررواين جي مذمت ڪئي جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري کي 6 جولاءِ 2023ع تي پاڪستان جي پارليامينٽ جي گڏيل ا??لا?? ۾ منظور ڪيل قرارداد ۽ 7 جولاءِ 2023ع تي سڄي پاڪستان ۾ تقدس قرآن ڏهاڙي ملهائڻ باب?? آگاهه ڪيو جيڪو تحفظ قرآن جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ت?? او آءِ سي جنرل سيڪريٽري جي سرپرستي ۾ ان قابل مذمت ڪاررواين فوري جواب ڏئي رهي آهي. هن 2 جولاءِ 2023ع تي جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٿيندڙ غيرمعمولي ا??لا?? ۽ ا??لا?? کانپوءِ جامع پڌرنامو جاري ڪرڻ تي او آءِ سي کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ان معاملي تي هنگامي وزارتي ا??لا?? منعقد ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ جنرل سيڪريٽري کي ان سلسلي ۾ ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي باب?? آگاهه ڪيو. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري ا??لامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيندي گڏيل قومن ۾ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان اسلامو فوبيا جي قابل مذمت لهر کي روڪڻ جي لاءِ او آءِ سي جي سمورن قدمن ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ جي لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا