اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتي، ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان ۾ بيلجيئم، ايران، ڪينيا، شام، جمهوريه ڪرغزستان، برطانيه، آمريڪا، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ملڪن جا وفد شامل هئا. ڪنوينشن ۾ اندروني ملڪن م??ن پارليامينٽ جي ميمبرن، سياسي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، عورتن، اڪيڊميا، غير مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جو چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پڻ شريڪ ٿيو. ڪنوينشن جي پهرين ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ قمر زمان ڪائره خطا?? ڪيو، ڪنوينشن جي ٻي ڏينهن واري پڄاڻي جي تق??يب کي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطا?? ڪيو. ان موقعي تي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاه پڌرائي پيش ڪئي.
آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن