اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي تباهي جي اثرن مان نڪري رهيو آهي، اپريل 2022ع ۾ حڪومت سنڀالي ته آءِ ايم ايف پروگرام عمران حڪومت جي واعده خلافي ج?? ڪري معطل هو، اپريل 2022ع ۾ اسان حڪومت سنڀالي ته پاڪستان ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي خزاني جي لاءِ ناقابل برداشت فيول سبسڊي ڏني جنهن ج?? ڪري قوم کي 100 ار?? رپيا ماهوار خسارو برداشت ڪرڻو پيو. گذريل سال اسان جي امپورٽس 80 ار?? ۽ روانگي واپار 31 ار?? ڊالر هو، اڳوڻي حڪومت تاريخ جو سڀ کان وڏو 49 ار?? ڊالر واپاري خسارو ڏئي وئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 17.5 ار?? ڊالر جو ??رن?? اڪائونٽ خسارو ڏئي وئي. پ?? ٽي آءِ جي چار سالن ۾ هر سال رڪارڊ بجيٽ خسارو ٿيندو رهيو. اڄ فيڊرل، ٽريڊ ۽ ??رن?? اڪائونٽ خسارن سميت ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته شديد معاشي مشڪلاتن جي باوجود اسان ٻوڏ جي صورتحال جو مقابلو ڪيو، متاثرين جي مدد ڪئي. پ?? ٽي آءِ چار سالن ۾ تاريخي 20 هزار ار?? جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا. اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ اضافو ڪيو. اسان غريب خاندانن کي مفت اٽو ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انهن کي مهانگائي کان ريليف ملي سگهي.
پاڪستان معاشي تباهي جي اثرن مان نڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک