اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ قومي زندگي جو محور بڻائڻ جو ??قت اچي ويو آهي، آئين جي روشني ۾ جوڙيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته اڄ قوم 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي رهي آهي، هي هڪ مقدس دستاويز آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ دوران ڪيترن ئي طوفانن کي منهن ڏيندي وفاق کي متحد رکيو. وزيراعظم چ??و ته هو ان موقعي تي آئين جي خالقن کي انهن جي سياسي دورانديشي تي خراج عق??دت پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چ??و ته 1973ع جي آئين جو اسان جو قومي ڪردار، سڃاڻپ ۽ مستقبل جي لاءِ رستو ??قرر ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار آهي. هن چ??و ته ??قت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي قومي زندگي جو محور بڻايو وڃي ۽ آئين جي روشني ۾ ٺاهيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.
پارليامينٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ قومي زندگي جو محور بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار